SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وحدت الشهود


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

وحدت الشهود

(Wahadat-ul- Shahood)

”وحدت الشهود“ جو باني امام ربّاني مجدد الف ثاني (1564-1624ع) آهي، جيڪو ”همه ازوست“ جو قائل ۽ شارح آهي. ھڪڙا صوفي وحدت الوجودي هوندا آهن ۽ ٻيا وحدت الشهودي. وحدت الوجودين جي نظر ۾ اصل ۾ باري تعاليٰ جي ذات موجود آهي، ۽ ٻيون جيڪي به شيون موجود آهن، ان جا پرتوا آهن. وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ هي فرق آهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان ”سڀڪجهه خدا آهي، ۽ (خدا) سڀ ڪجهه“. جيئن جَرَ جي ڦوٽي ۽ لهر کي پاڻيءَ کان ڌار نه سمجهي، ”پاڻي“ (اصل) جو پرتوو سمجهيو وڃي ٿو. پر وحدت الشهود ۾ اهي ٻئي ڌار آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ماڻهو جو پاڇو هرگز ماڻهو ٿي نه ٿو سگهي، ”چه نيست خاک رابا عالم پاڪ“ اهل ظاهر وٽ وحدت الوجود، نامنظور ۽ نامعقول آهي. انهيءَ عقيدي جي صوفين حلاج ۽ سرمد وحدت الوجودي ڳالهه تي قائم رهيا ۽ سر ڏنو. ليڪن پوئين زماني جي صوفين ۽ متصّوف عالمن ان جو نئون تعبير ڪري، ان کي اسلامي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي. مشهور عالم دين شاهه ولي الله (1703-1762ع)، ان نظريي کي ”فلسفي“ جي حيثيت سان بيان ڪري، ”وحد الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي نظرياتي اختلافن کي رفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


Remember Me Also:

منادي جي مناديون

مُنادي جي مُناديُون

ث . (ع. ناديٰ) پڙهو، ڍنڍورو، مُنادُ، هوڪو، ٻُڌاڻو، حاڪم جو حڪم ظاهر ڪرڻ واسطي آواز. عام اشتهار، اعلان، پرچار. (صفت). سَڌُ ڪندڙ. پڙهو ڏيندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal